اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي جي شرح 44 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچڻ تي شڪر ادا ڪندي چيو آهي ته آءِ ايم ??يف پروگرام جاري ٿيڻ سان معيشت ۾ وڌيڪ استحڪام ايندو. وزيراعظم مهانگائي جي سيپٽمبر مهيني ۾ ساليانو شرح 6.9 سيڪڙو ٿيڻ تي حڪومت جي معاشي ٽيم ??ي پذيرائي ڪئي آهي. آگسٽ 2024ع ۾ 34 مهينن ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 9.6 سيڪڙو تي آئي، سيپٽمبر 2024ع ۾ گذريل 44 مهينن ۾ مهانگائي جي گهٽ ترين شرح 6.9 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب الله جي فضل ۽ ڪرم سان عوام سان ڪيل وچن جي پ??سد??ري ۾ ڪاميابي ملڻ شروع ٿي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مهانگائي جي شرح 6.9 سيڪڙو ٿيڻ سان عام ماڻهو کي ريليف ملندو، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ پڻ لاڳيتو گهٽتائي سان عوام کي ريليف ملي رهيو آهي. هن چيو ته وياج جي شرح گهٽ ٿيڻ سان ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو، مهانگائي جي شرح کي 2025ع تائين 7 سيڪڙو تائين آڻڻ جي هدف جو 2024ع ۾ ئي حاصل ٿيڻ ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته پهرين ڏينهن کان عوامي ريليف جي لاءِ قدمن کي اولين ترجيح بڻايو، پاڪستان جي ڊيفالٽ جي خواهش ڪندڙن جو منصوبو ناڪام ٿيو، پوري قوم گذريل سالن ۾ هڪ گروهه جي نااهلي جي ڪري مشڪلاتون ڏٺيون، ملڪي معيشت مستحڪم، سفارتي لاڳاپا مضبوط ۽ عام ماڻهو جي ??وش??الي جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، آءِ ايم ??يف پروگرام جاري ٿيڻ سان معيشت ۾ وڌيڪ استحڪام ايندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي جو سفر 2018ع ۾ جتي بيٺو هو، اتان ٻيهر شروع ٿي چڪو آهي.
متعلقہ مضامین
-
PM Shehbaz lauds PAF’s role in defending the nation
-
Pakistan struggles as flood aid remains unmet
-
خریداری سے لطف اندوز ہوں: سرکاری تفریحی ویب سائٹ
-
لکی ڈریگن ایماندار بیٹنگ ویب سائٹ - آپ کا قابل اعتماد آن لائن جوئے کا پلیٹ فارم
-
Govts legal team reviews opp ToRs
-
Authorities decided to arrest Move on Pakistan chief over posters campaign
-
Private Hajj operators transfer over Rs 25bn to Saudi Arabia
-
Orange metro train to be part of CPEC
-
Wasim Akram withdraws road rage shooting case, settles matter personally
-
پی جی سافٹ ویئر کی آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک اور استعمال کی مکمل گائیڈ
-
PT آن لائن آفیشل گیم پلیٹ فارم کا تعارف اور خصوصیات
-
پی جی سافٹ ویئر کی آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک اور استعمال کی مکمل گائیڈ