اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪپهه جي آبادگارن لاءِ وڏو فيصلو ڪندي ڪپهه جي هلندڙ سال قيمت ساڍا 8 هزار رپيا في مڻ (40 ڪلوگرام) مقرر ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته وزيراع??م هدايت ڪئي آهي ته ڪپهه جي سپورٽ پرائيس جلد کان جلد اقتصادي رابطا ڪم??ٽي مان منظور ڪرائڻ جي لاءِ پيش ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ زرعي ٽاسڪ فورس جو جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪپهه جي پيداوار وڌائڻ ۽ ڪپهه جي سپورٽ پرائيس مقرر ڪرڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، سيد نويد قمر، طارق بشير چيما، پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن رضا نقوي، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال ٻوڏ، برساتن، واهه جي پاڻي جي کوٽ ۽ ڀاڻ جي بحران سبب ڪپهه جي پيداوار ?? خاطرخواهه گهٽتائي ٿي. هلندڙ سال ڪپهه جي مجموعي پيداوار جو ڪاٿو 12.77 ملين بيلس لڳايو ويو آهي جڏهن ته ڪپهه جي سپورٽ پرائيس ۽ حڪومتي قدمن سان نه رڳو ڪپهه جي پيداوار جي زمين تي في ايڪڙ پيداوار ?? خاطرخواهه اضافو متوقع آهي. اجلاس ۾ ڪپهه جي ايڪڙ لاڳت ۽ ان جي ٻين فصلن سان ڀيٽ پڻ پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراع??م هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومتون آبادگارن کي ڪپهه جي مقرر ڪيل قيمت جي فراهمي يقيني بڻائين. وفاقي حڪومت مقرر ڪيل سپورٽ پرائيس تي عملدرآمد جي لاءِ صوبائي حڪومتن جي هر ممڪن مدد ڪندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪپهه جي في ايڪڙ پيداوار ?? اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. ڪپهه جي فصل جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ جي لاءِ تجويزون جوڙڻ ۾نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت تيز رفتاري سان پنهنجو ڪم مڪمل ڪري. ڪپهه پاڪستان جي پرڏيهي ناڻو ڪمائيندڙ فصل آهي. وزيراعظم چيو ته ڪپهه اسان جي ٽيڪسٽائيل جي صنعت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. اسان ڪپهه جي ابادگارن کي سهولتون فراهم ڪري انهن جي پيداوار ?? اضافو ڪنداسين، ان سان نه رڳو ٽيڪسٽائيل جي برآمد ۾ اضافو ٿ??ندو پر ڪپهه جي درآمد تي خرچ ٿيندڙ واري قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو. وزيراعظم فوري طور تي انهن قدمن تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
All 16 Bannu attack Khwarij eliminated: ISPR
-
CM Murad vows to protect Sindh’s rights amid controversial canal project
-
فارچیون ٹائیگر آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ
-
وائلڈ ہیل آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک
-
ون ون ون آفیشل تفریحی ویب سائٹ
-
Dog House Official Entertainment Website Ka Taaruf
-
Medusa II آفیشل انٹرٹینمنٹ ایپ: تفریح کا نیا دور
-
Govt endeavouring to introduce HR subject in curriculum: minister
-
Soldier killed in Mohmand
-
Chitral school suspends teacher for beating student
-
Livestock department conducts anti-congo spray
-
Starburst Entertainment Rasmi Dakhla